اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي چونڊ (ترميمي) بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه قوم?? اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته سي??يٽ ما?? بل منظور ڪرائڻ جي صورت ۾ بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ گهرجي. اجازت ملڻ تي بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويو. قانون واري وزير ايوان کي ٻُڌايو ته هي بل فاٽا جي حوالي سان نالي جي درستگي ۽ هڪ ٽائٽل ۾ تبديلي لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي. هن چيو ته تاحيات نااهليءَ جو فيصلو هي ايوان قانونسازي ذريعي پهرين ئي طئي ڪري ڇڏيو آهي. نااهليءَ جو مدو 5 سالن مقرر ڪيو ويو آهي. بعد ۾ ايوا?? بل جي اڪثريت راءِ سان شق وار منظوري ڏئي ڇڏي.