اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ??سيمبلي جي اسپيڪر سر??ار اياز صادق چيو آهي ته سياحت کي هٿي ڏيڻ ملڪي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ضروري آهي، سياحت جي ترقي سان پاڪستان جي عالمي ??طح تي هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ٿيندي، پاڪستان جو قدرتي حسن ۽ ثقافتي ورثو سياحن لاءِ دلچسپي جو سبب آهي. جمعي ڏينهن قومي ??سيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب قومي ??سيمبلي جي اسپيڪر سر??ار اياز صادق سياحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سياحت کي هٿي ڏيڻ ملڪي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ضروري آهي. پاڪستان ۾ موجود سياحت جا تمام گهڻا موقعا معيشت ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪري سگهن ٿا. سياحت معيشت جي مضبوطي ۽ مختلف ثقافتن ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان جو تاريخي، ثقافتي ورثو ۽ قدرتي حسن سڄي دنيا جي سياحن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرائي سگهي ٿو. سياحت جي ترقي سان پاڪستان جي عالمي ??طح تي هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ٿيندي. پاڪستان مذهبي ۽ ثقافتي سياحت جي لحاظ کان هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته موجوده حڪومت مختلف مذهبن کي مڃيندڙن کي انهن جي تاريخي ۽ مذهبي هنڌن تائين بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. حڪومت سياحت ذريعي سماجي ۽ ثقافتي رڪاوٽن جي خاتمي ۽ خطي جي گڏيل ورثي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان جو قدرتي حسن ۽ ثقافتي ورثو سياحن لاءِ دلچسپي جو سبب آهي، سياحت کي هٿي ڏيڻ سان روزگار جي موقعن ۽ مقامي ??بادي جي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي ۾ اضافو ٿيندو.