اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آ??ٽر??ليا جي ها??ِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي جنهن ۾ بارڊر مينيجمينٽ، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ سهڪار وڌائڻ، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ آ??ٽر??لين ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ اسلام آباد ۽ ڪينبرا ۽ پسگردائي وارن علائقن تي ٻڌل آ??ٽر??لين ٽيريٽري کي جاڙن شهرن جو درجو ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزير محسن نقوي گهرو وزارت اچڻ تي آ??ٽر??لوي ها??ِ ڪمشنر جي آجيان ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستاني ٽيم 30 آڪٽوبر تي آ??ٽر??ليا جي دوري تي رواني ٿيندي، اميد آهي ته ان دوري دوران ٻنهي ملڪن جي عوام کي ڀرپور راند ڏسڻ ل??ءِ ملندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عورت رانديگرياڻين کي بگ بيش ل??ءِ اين او سي جاري ڪئي ويندي.آ??ٽر??لوي ها??ِ ڪمشنر خاطري ڪرائي ته آ??ٽر??ليا ٽريننگ، عورتن ۽ نابين ماڻهن جي ڪرڪيٽ ۾ سهڪار ڪندو. آ??ٽر??لوي ها??ِ ڪمشنر گهرو وزير محسن نقوي کي آ??ٽر??ل??ي ٽيم جون صحيحيون ڪيل ڪرڪيٽ بيٽ پڻ پيش ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آ??ٽر??لوي ها??ِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي چيو ته بارڊر مينيجمينٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ل??ءِ پوري ٽيم مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا آ??ٽر??ليا سميت سمورن ملڪن ڏانهن ٿيل انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ل??ءِ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي صلاحيتن ۾ اضافي تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. آ??ٽر??لوي ها??ِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان آ??ٽر??ليا جي بارڊر مينيجمينٽ جي طريقن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، وفاقي گهرو وزير آ??ٽر??لوي ها??ِ ڪمشنر جي آڇ جي آجيان ڪئي. ملاقات ۾ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو اجلاس ڊسمبر ۾ آ??ٽر??ليا ۾ منعقد ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته افغان پناهگيرن جي آ??ٽر??ليا منتقلي ۾ پاڪستان هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.