اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) خوبصورت آواز جي مالڪ ناهيد اختر جي سالگره 26 سيپٽمبر تي ملهائي ويندي. جڳ مشهور ناليواري گلوڪاره ناهيد اختر 26 سيپٽمبر 1956 تي ملتان ۾ پيدا ٿي. هن 1970 ۾ پنهنجو پهريون گانو ريڊيو پاڪستان ملتان لاءِ ڳايو جنهن کان پوءِ هن ڪيترن ئي فلمن ۽ ڊرامن لاءِ اردو ۽ پنجابي ۾ گانا رڪارڊ ڪرايا. 1962 ۾ هن گلوڪاري کي ختم ڪري گهريلو زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو. ناهيد اختر کي 2007 ۾ صدارتي ??يوارڊ ڏنو ويو جڏهن ته 1974 ،1975 ۽ 1985 ۾ ن??ار فلم ايوارڊ سميت ٻيا مختلف ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. ناهيد اختر جي سالگره جي موقعي تي ??وبز انڊسٽري سميت ٻين فلمي تنظيمن پاران گلوڪاره کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو.