نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس ۾ شر??ت جي لاءِ پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي???? موجب دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير خالد مقبول ص??يق??، خاص معاون طارق فاطمي ۽ پاڪستان جي گڏيل قومن ۾ مستقل نمائندو منير اڪرم وزيراعظم سان گڏ جنرل اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس ۾ شريڪ آهن.