اسلام آب??د-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي موقعي تي پي ٽي آءِ پاران احتجاج جو اعلان ري??ست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. آچر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جو احتجاج ري??ست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش آهي ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم(??يس سي او) ڪانفرنس کي متاثر ڪرڻ جي ڌمڪي آهي جتي 200 وفد پاڪستان ۾ موجود هوندا. هن چيو ته اها ڪانفرنس قوم لاءِ گهڻي اهم آهي ڇو ته ان تي ملڪي ??عي??ت ۽ مستقبل جو انحصار آهي. طلال چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ وي آءِ پي قيدي آهي، جيل ۾ ملاقاتون ڪندو آهي ۽ خصوصي مراعتون ??ه حاصل ڪندو آهي.