دوحه – 31 – آڪٽوبر (??ي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان گڏ قطر ميوزيم ۾ منظر آرٽ گيلري جو دورو ڪيو جڏهن ته وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو ته قطر ميوزيم ۾ پاڪستاني فن پارن تي ٻڌل منظر آرٽ گيلري جو قيام ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سماجي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير اعليٰ سطحي وفدن ۽ ٻطرفي ملاقات کانپوءِ هڪ ئي گاڏي ۾ ديوان امير کان قطر ميوزيم تائين جو سفر طئي ڪيو. قطر جي امير وزير??عظ?? محمد شهباز شريف کي پاڻ پاڪستاني فن پارن جي نمائش ”منظر“ جو دورو ڪرايو، ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي وچ ۾ غيرروايتي گرمجوشي ڏسڻ ۾ آئي، قطر جي امير ۽ سندس ڀيڻ ۽ قطر ميوزيم جي چيئرپرسن شيخه المياسه بنت حمد بن خليفه الثاني غيررسمي ۽ پنهنجائپ واري ماحول ۾ وزير??عظ?? کي نمائش ۾ موجود فن پارا ??يک??ريا ۽ نمائش جي منتظمين ۽ پاڪستاني فنڪارن سان تعارف ڪرايو. وزير??عظ?? قطر جي امير ۽ سندس ڀيڻ جو منظر آرٽ گيلري جي انعقاد ۽ پاڪستاني فنڪارن جي پذيرائي تي سندس ٿورا مڃيا. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو ته ان نمائش جو انعقاد پوري پاڪستاني قوم جي لاءِ فخر جوڳو آهي، قطر ميوزيم ۾ پاڪستاني فن پارن تي ٻڌل منظر آرٽ گيلري جو قيام قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سماجي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. وزير??عظ?? دوري ۾ ناليواري پاڪستاني معمار نيئر علي دادا، پاڪستاني مصورن، فوٽوگرافر، خطاط ۽ ٻين فنڪارن سان ملاقات ڪئي. نمائش ۾ 1940ع کان وٺي هيستائين جي پاڪستاني مصوري، فوٽوگرافي، مجسما ۽ ٻيا فن پارا شامل آهن. نمائش ۾ شاڪر علي، صادقين، گل جي، زبيده آغا، ڪامل خان ممتاز، نيئر علي دادا ۽ ڪيترن ئي پاڪستاني فنڪارن جي فن پارن جي نمائش ڪئي وئي.