دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قطر ??ي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط رشتن جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ??ي امڪاني شعبن، توانائي ۽ ثقافت ۾ تعاون ??ي لاءِ نئين راهن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته قطر ??ي امير سان هڪ انتهائي لاڀائتي ملاقات ٿي. شاندار آجيان ۽ فراخدلي سان مهمان نوازي ??ي لاءِ قطر ??ي امير سان گڏوگڏ حڪومت ۽ قطر جي عوام جو به ٿورا??تو آهيان. هن چيو ته اسان پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دوستي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط رشتن جو ورجاءُ ڪيو، واپار، سيڙپڪاري ??ي امڪاني شعبن، توانائي ۽ ثقافت ۾ تعاون ??ي لاءِ نئين راهن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پنهنجي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. فلسطين ۽ وچ اوڀر جي علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ??ي لاءِ شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي قيادت ۾ قطر ??ي اڻ??ڪ ڪوششن کي ساراهيان ٿو.