واشنگٽن -23 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان آمريڪي ناڻي واري وزارت جي عالمي ماليات واري ا??سٽنٽ سيڪريٽري برينٽ نائمن ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق واشنگٽن ڊي سي ۾ ٿيل ان ملاقات دوران ناڻي واري وزير برينٽ نائمن کي ٽيڪس جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي قدمن ۽ صوبائي زرعي انڪم ٽيڪس (اي آئي ٽي ) جي نظام کي وفاقي ۽ ڪارپوريٽ آمدني جي ٽيڪس جي شرح سان هم آهنگ ڪرڻ جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. هن سبسڊيز ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، سرڪاري ڪمپنين (ايس او ??يز) نئين سر جوڙجڪ ۽ (ڪلائميٽ پبلڪ انويسٽمينٽ اينڊ پي آئي ايم اي اڪائوئنٽبلٽي) منصوبي تي اٿرائتي نموني سان عمل ڪرڻ تي پڻ بريفنگ ڏني. هن پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته انهن سمورن سڌارن جو مقصد پا??ست??ن جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي جي رفتار کي وڌائڻ آهي. موسمياتي تبديلي جي ا??رن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ پڻ ان حڪمت عملي جو حصو آهي. ناڻي واري وزير پا??ست??ن لاءِ آئي ايم ايف جي ايڪسٽينڊيڊ فنڊ فيسلٽي ۾ آمريڪي حمايت جو پڻ شڪريه ادا ڪيو.