اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄا?? ڪمال خان چيو ??هي ته ٽيڪسٽائل ۽ گ??رمينٽس جو شعبو پاڪستان جي روانگي واپار ۽ معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو ??هي، حڪومت ان شعبي جي پائيداري ۽ ترقيءَ ۾ وڌ کان وڌ سهڪار ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (اپٽما) جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ ٽيڪسٽائل ۽ گ??رمينٽس جي شعبي کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اپٽما جي چيئرمين ڪامران ارشد جي اڳواڻيءَ ۾ نمائندن وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. اپٽما جي وفد ۾ عامر فياض شيخ، چ??ئرپرسن ٽيڪسٽائل ڪائونسل ڪوه نور ملز، انيس خواجه، محمود گروپ ۽ ٻيا شامل هئا. ڪامران ارشد ٽيڪسٽائل ۽ گ??رمينٽس جي شعبي کي پيش ايندڙ اهم چئلينجن ۽ انهن جي خطرن جو خاڪو پيش ڪيو ??نهن ۾ صنعتي ڪيپٽيو پاور پلانٽس کي گيس جي سپلاءِ کي امڪاني ڪٽجڻ، بجلي جي وڌيل قيمتن، وڌيڪ ٽيڪسز ۽ ليڪويڊيٽي جي گهٽتائي شامل آهي، جيڪا صنعتن جي چٽاڀيٽي کي ختم ڪري سگهي ٿي ۽ روانگي واپار تي ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا. اپٽما جي نمائندن فنانس ايڪٽ 2024ع ۾ متعارف ڪرايل ايف بي آر جي ايڪسپورٽ فيسيليٽيشن اسڪيم تحت ايڪسپورٽس لاءِ مقامي خريداريءَ تي سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ کي واپس وٺڻ تي به خدشن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير گڏيل ڪوششن ۽ مددگار پاليسين ذريعي ٽيڪسٽائل ۽ گ??رمينٽس جي روانگي واپار ۾ واڌ جي باري ۾ وفد سان ڳالهيون ڪيون. ڄا?? ڪمال وفد کي نئين مارڪيٽن کي تلاش ڪرڻ ۽ نئين ويلو ايڊڊ تيار ٿيل شين ۾ وڌيڪ نواڻ پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڄا?? ڪمال خان وفد کي خاطري ڪرائي ته واپار واري وزارت سندن مسئلن ۽ چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي.