اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون دور اسلام آباد ۾ ٿيو، ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) احمد نسيم وڙائچ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جڏهن ته قزاخستان پا??ان نائب پرڏيهي وزير ??لي بيڪ بڪائيف قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس پا??ان جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطر??ي تعاون جو جامع جائزو ورتو جنهن ۾ سياسي لاڳاپن، بين الپارلياماني مٽاسٽا، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن، رابطن، تعليم، انفارمي??ن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪشن، ثقافت ۽ سياحت شامل آهن. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطر??ي تعاون جي رفتار کي برقرار رکڻ ۽ گهڻ رخي فورمز تي ويجهي تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ سياحت ۽ انفارمي??ن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اهم علائقائي ۽ عالمي ا??ڀرائي بشمول يوڪرين، افغانستان ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ??ي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.