اسلام آباد – 30 نو??بر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? چيو آهي، ته ملائيشيا جي ٻوڏ متاثر عوام سان يڪجهتي جي اظهار طور انساني امداد موڪلي رهيا آهيون، ملائيشيا جي وزيراعظم سان ٽيليفونڪ گفتگو ۾ ان نقصان تي ساڻس همدي جو اظهار ڪيو ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون. گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم ??يو ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابرا??يم سان ٽيليفون تي ڳالهيون ٿيون ۽ ساڻس شديد برساتن سبب ٿيل ٻوڏ تي ملائيشيا جي عوام سان انساني حياتين جي نقصان ۽ ملڪيتن کي پهتل نقصان تي همدردي جو اظهار ڪيو جڏهن ته انهن نقصانن کان پوءِ ملائيشيا جي حڪومت طرفان فوري رد عمل کي ساراهيو ويو. وزيراعظم ??يو ته اسان جلد انساني امداد يڪجهتي طور موڪلي رهيا آهيون، ملائيشيا جي وزيراعظم سان ٽيليفونڪ ڳالهين ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ گڏيل مفادن لاءِ ڪم جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.