اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام کي انهن جي 53هين قومي ڏينهن تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي يو اي ??ي جي ترقي ۽ خوشحالي جي شاندار سفر تي فخر آهي. ايڪس تي پن??نجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته يو اي ??ي جو ترقي ۽ خوشحالي جو اهو سفر شيخ زايد بن سلطان النهيان ??رحوم جي ڏاهپ سان ئي ممڪن ٿيو، جدت جي ان ??يزن کي شيخ محمد بن زيد النهيان ۽ شيخ محمد بن راشد آل مڪتوم اڳتي وڌايو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين يو اي ??ي جو ثابت قدم ڀاءُ ۽ حصيدار رهيو آهي، اسان پن??نجي تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ انهن کي ڪارائتي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪو??شو?? ڪندا رهنداسين.