اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي ته ترقيءَ جي شرح ۾ مستقل بهتري نه اچڻ تي گهٽ آمدني وارن ملڪن مان صرف ڇهه 2050ع تائين وچولي درجي جي آمدني وارن ملڪن جي درجي تي پهچي سگهندا. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي گلوبل اڪنامڪ پراسپيڪٽس رپورٽ جي حوالي سا?? جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي. عالمي بئنڪ موجب ايندڙ 25 سا?? دنيا جي 26 غريب ترين ملڪن لاءِ وچولي درجي جي آمدني تائين پهچڻ جي حوالي سا?? فيصلائتا ثابت ٿي سگهن ٿا، انهن ملڪ?? ۾ ??راسري ڏهاڙي آمدني 2.15 ڊالرن کان گهٽ آهي ۽ هي انتهائي غربت جي خاتمي جي عالمي ڪوششن جو مرڪز آهن. تڪرارن، انساني بحرانن ۽ پائيدار گهٽ ترقيءَ سبب انهن ملڪ?? ۾ ??ؤسر جي شرح جمود جو شڪار آهي. 21هين صديءَ جي شروعات ۾ عالمي بئنڪ 63 ملڪن جي گهٽ آمدني طور درجابندي ڪئي هئي، جن مان 39 ملڪ هاڻي وچولي درجي وارا آمدني وارا ملڪ بڻجي چڪا آهن، جن جي في ڪس سا??ياني آمدني 2023ع تائين 1145 ڊالر کان وڌيڪ هئي. باقي ملڪ?? ۾ ??ؤسر جمود جو شڪار آهي. انهن ملڪن جي في ڪس سا??ياني مجموعي قومي پيداوار ۾ گذريل 15 سا??ن ۾ سا??ياني سراسري 0.1 سيڪڙو کان گهٽ شرح سا?? وڌي آهي. عالمي بئنڪ مطابق جيڪڏهن ترقيءَ جي شرح ۾ مستقل بهتري نه آئي ته گهٽ آمدني وارن ملڪن مان صرف 6 2050ع تائين وچولي درجي جي آمدني وارن ملڪن شامل ٿي سگهندا. عالمي بئنڪ جي چيف اڪانومسٽ ?? ترقياتي معاشيات بابت سينيئر نائب صدر اندرمت گل ٻُڌايو ته ايندڙ 25 سا???? ۾ ??ريب ترين ملڪن لاءِ ترقي ۽ اؤسر جو هڪ اهم موقعو آهي، عالمي برادري، ترقياتي ڀائيوار?? کي به ان حوالي سا?? پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن ٻُڌايو ته گذريل 15 سا???? ۾ ??نهن ملڪن جي في ڪس آمدني ۾ عملي طور تي ڪابه واڌ نه ٿي آهي. پر ??وڀ??، ڏکڻ ??وڀ?? ۽ ڏکڻ ايشيا جي رڪارڊ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته ٿوري پرڏيهي مدد ۽ بهتر ملڪي پاليسي سا?? جنگ ۽ عدم اتحڪام جا شڪار ملڪ به پائيدار اقتصادي ترقيءَ لاءِ حالتون پيدا ٿي سگهنديون.