ڪراچي-23 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي مڪاني کاتي جي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسان جي ڀرپور ڪوشش هجڻ گهرجي ته ڪي – فور منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪر??ون. ڪي – فور منصوبي سان ڪراچي جي پاڻي جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن ڪراچي واٽر اينڊ سي??ري?? سروسز امپرومينٽ پروجيڪٽ (KWSSIP) جي اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايڊي??نل چيف سيڪريٽري سنڌ سيد خالد حيدر شاهه، ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر عثمان معظم، سي اي او ڪراچي واٽر اينڊ سي??ري?? ڪارپ??ري??ن صلاح الدين، چيف آپريٽنگ آفيسر ڪي ڊبليو ايس سي اسد الله خان موجود هئا. اجلاس ۾ ڪي فور منصوبي جي آگمينٽيشن سميت ٻين معاملن تي تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سعيد غني چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش هجي گهرجي ته ڪي – فور منصوبو جيڪو هن وقت ڪراچي جي ??هر??ن لاءِ پاڻي جي فراهمي ۾ اهميت وارو آهي ان کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻو پوندو. هن چ??و ته هن منصوبي سان ڪراچي جي پاڻي جي فراهمي کي وڌيڪ بہتر بڻائي سگهجي ٿو.