اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته 2024ع پاڪست??ن جي سفارتڪاري جي لاءِ هڪ فعال سال رهيو، اس??ن جون سفارتي ڪوششون پاڪست??ن جي عالمي پروفائيل کي وڌائڻ ۽ ??ڄي دنيا جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي لڳل رهيون. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته سال دوران آذربائيجان، بيلاروس، بيلجيئم، چين، مصر، گيمبيا، ايران، اردن، ق??زق??تان، ملائيشيا، قطر، روس، ساموا، سعودي عرب، تاجڪستان، ترڪمانستان، ترڪيه، گڏيل عرب امارات، ازبڪس??ان ۽ برطانيا سان اعليٰ سطح جي دورن جي مٽاسٽا ٿي جنهن سان انهن ملڪن سان اهم مفاهمت پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي. ترجمان چيو ته صدر آصف علي زرداري 10 ۽ 11 آڪٽوبر تي اشڪ آباد ۾ منعقد ”وقت ۽ تهذيبن جو گڏيل تعلق – امن ۽ ترقي جو بنياد“ جي عالمي فورم ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانست??ن جو دورو ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان، چين، مصر، ق??زق??تان، قطر، سعودي عرب، ايران، تاجڪس??ان ۽ گڏيل عرب امارات جا دورا ڪيا. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار آذربائيجان، بيلجيئم، مصر، گيمبيا، ايران، اردن، سعودي عرب، ترڪيه ۽ برطانيا جا اهم دورا پڻ ڪيا. ترجمان چيو ته انهن دورن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ، اهم سياسي افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۽ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو اهڪ اهم موقعو فراهم ڪيو. هن چيو ته پاڪس??ان ڪيترين ئي اعليٰ سطحي شخصيتن جي ميزباني پڻ ڪئي. آذربائيجان، بيلاروس، چين، ايران، ق??زق??تان، ملائيشيا، منگوليا، قطر، روس، سعودي عرب، تاجڪستان، ازبڪس??ان مان قيادت جي سطح جا دورا ٿيا جڏهن ته چين، سعودي عرب، ايران، ڀارت، جرمني، قطر، روس ۽ برطانيا جي ڪابينا جي سينيئر وزيرن پاڪست??ن جو دورو ڪيو. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر، سيڪريٽري جنرل سي آءِ سي اي ۽ سارڪ، آءِ ايم ايف ۽ ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽريز جنرل پڻ هلندڙ سال دوران پاڪست??ن جا دورا ڪيا.