اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قائداعظم محم?? علي جناح پاڪستان ۽ مائوزي تنگ جديد چين جو بنياد رکيو، پاڪستان ۽ چين جا تاريخي لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد جي بنياد تي قائم آهن، پاڪستان ۽ چين جي آل – ويدر اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ نئين بلندين کي ڇُهي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري چيني آرٽسٽ ۽ مجسمه ساز ماسٽر يوآن شيڪم سان ملاقات ۽ 25 ڊسمبر تي قائداعظم ۽ 26 ڊسمبر تي مائوزي تنگ جي سالگرهه جي مناسبت سان ان جي اسڪيچرز (مجسمن) جي نقاب ڪشائي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي چيئرمين ??ائوزي تنگ جي ڀائيٽي مادام مائوشيائو چنگ پڻ موجود هئي. ماسٽر يوآن جي ٺاهيل قائداعظم محم?? علي جناح ۽ چيئرمين ??ائوزي تنگ جي مجسمن جي حوالي سان خصوصي تقريب جو انعقاد 25 ڊسمبر تي قائداعظم ۽ 26 ڊسمبر تي مائوزي تنگ جي سالگرهه جي مناسبت سان ڪيو ويو. وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي ماسٽر يوآن کي ڀليڪار چيو. هن قائداعظم ۽ چيئرمين ??ائو جا شاندار اسڪيچرز ٺاهڻ تي ماسٽر يوآن جا ٿورا مڃيا ۽ کيس خراج تحسين ??يش ڪيو. وزيراعظم چيو ته هي تاريخي آهي، ٻنهي اڳواڻن جا مجسما ماسٽر يوآن جي مهارت جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته قائداعظم محم?? علي جناح ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمانن جي قيادت ڪندي نئين اسلامي مُلڪ پاڪستان جو بنياد رکيو، جديد چين جو بنياد رکڻ ۾ چيئرمين ??ائو جو اهم ڪردار هو، چيئرمين ??ائوزي تنگ جي عزت ?? احترام هر پاڪستاني جي دل ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن جو بنياد گڏيل عزت ?? احترام ۽ ڀروسي تي ٻڌل آهي، چين ۽ پاڪستان ٻئي قديم ورثن جا امين آهن، هلندڙ سال جون ۾ پنهنجي چين جي دوري دوران شيان ۾ ٽيراڪوٽا واريئرز ميوزيم وڃڻ جو اتفاق ٿيو جيڪو انتهائي متاثر ڪندڙ تاريخي ورثو رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان واديءَ سنڌ جي قديم ترين تاريخ جو مسڪن آهي. موهن جو دڙو ۽ هڙپه ۾ هزارين سال پراڻي انساني تاريخ آهي، هلندڙ سال چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جا مثالي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا، پاڪستان ۽ چين جي آل – ويدر اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ نئين بلندين کي ڇُهي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي کان وٺي دفاع ۽ دفاعي پيداوار ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون ۾ وڌيڪ بهتري اچي رهي آهي، پاڪستان مان زراعت جي شعبي جي گريجوئيٽ جي پهرين بيچ چيني زرعي يونيورسٽين ۾ تربيت ۽ تحقيق جي لاءِ جلد چين رواني ٿيندي. تقريب ۾ اطلاعات، نشريات ۽ ثقافت وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي، پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زي ڊونگ، چين ۾ مقرر پاڪستاني سفير خليل هاشمي ۽ سرڪاري آفيسر موجود هئا.