اسلام آباد-10 جنوري (ا?? پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جميعت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ مولانا فضل ??لرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. گهرو وزير، مولانا فضل ??لرحمان جي خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس صحت جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪ?? پي ڪي خاص ڪري ڪرم ۾ امن جي قيام لاءِ قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. محسن نقوي ۽ مولانا فضل ??لرحمان امدادي شين جي قافلن جي پارا چنار آمد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته ڪرم ۾ امن جي قيام لاءِ سموري?? ڌُرين ??ي اعتماد ۾ ورتو آهي، ڪجهه ڌُريون ڄاڻي واڻي ڪرم معاملن کي غلط رنگ ڏنو، صورتحال جي بهتريءَ لاءِ گرينڊ جرڳي جي مخلصفاڻي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته مولانا فضل ??لرحمان سان پُراڻي نيازمندي آهي ۽ پاڪستان جي سياست ۾ مولانا فضل ??لرحمان جو هاڪاري ڪردار تعريف جوڳو آهي.