ننڪانه صاحب/ بلوڪي – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته گلوبل وارمنگ جي حوالي سان پاڪستان دنيا ۾ اٺين نمبر تي آه??، ٻيلا لڳائڻ شوق نه پر اسان جي مستقبل جي زندگين جو سوال آه??، گذريل 10 سالن ۾ رڳو لاهور مان هزارين وڻ وڍيا ويا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڪانه صاحب ۾ بلوڪي وٽ قبضي مافيا کان آزاد ڪرايل 2500 ايڪڙ زمين تي ٻيلا لڳائڻ ۽ وائلڊ لائيف پ??رڪ قائم ڪرڻ جي حوالي سان ”وڻ پاڪستان جي لاءِ“ ويزن تحت بهار جي موسم 2019ع جي وڻڪاري مهم جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪند?? ڪيو.