اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيص?? سان پاڪستان ۾ مقرر افغانستان جي سفير شڪر الله عاطف مشال ??لاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، خطي ۾ امن جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب اسپيڪر افغان سفي?? سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، ثقافت ۽ پاڙيسري جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، سرحد جي ٻنهي طرف عوام جي وچ ۾ محبت ۽ گڏيل اح??را?? جو رشتو ڏٺو ويندو آهي، اسپيڪر چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خو??حال افغانستان ڏسڻ جو خو??هشمند آهي، پرامن مستحڪم ۽ خو??حال افغانستان خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ اڻٽر آهي، پاڪستان خطي ۾ عالمي پارٽنرز سان گڏجي افغانستان ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پارلياماني سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پاڪ افغان واپار سبب ٻنهي ملڪن کي فائدا حاصل ٿيندا.