اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ازبڪست??ن جي نائب وزيراعظم براءِ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي اقتصادي لاڳاپا سر دور عمر زقوف ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڪووڊ -19 جي وبا، ٻه طرفي تعاون، عل??ئق??ئي رابطاڪاري ۽ عل??ئق??ئي امن ۽ سلامتي سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ملاقات ۾ موجود هو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪست??ن جي وچ ۾ ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، هن ازبڪست??ن جي صدر سان پنهنجي ملاقات جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان عالمي وبا جي ختم ٿيڻ تي سندس دوري جو منتظر هوندو، وزيراعظم چيو ته مختلف ريلوي منصوبن جي تعمير جي نتيجي ۾ واپار ۽ عل??ئق??ئي رابطاڪاري جا موقعا وڌندا، ازبڪ نائب وزيراعظم ازبڪست??ن جي صدر طرفان وزيراعظم عمران خ??ن جي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته هو پاڪست??ن جي دوري جو منتظر آهي.